ابڙا قبو

ابڙا قبو: هي مقبرو ڪلهوڙن جي دور جو آهي ۽ محمد خان وگھيي ڳوٺ، ديهه 33 داد، تعلقي نواب شاهه ۾ آھي. مقبري جي اوڀر ۾ ٻن ڪلو ميٽرن تي ڳوٺ الهه رکيو ڪانيو، الھندي ۾ 200 ميٽرن تي قاضي احمد- نواب شاهه روڊ، ان جي اتر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي غلام حسين وگھيو ڳوٺ ۽ 9 ڪلو ميٽر اولهه ۾ قاضي احمد جو شھر اٿس. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 26◦15′2″ ۽ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ68◦ 12′ 4″ ڊگرين تي موجود آھي. ھي مقبرو اتر ڏکڻ ڊيگهه ۾ 4.90 ميٽر ۽ اوڀر اولهه ويڪر ۾ 4.90ميٽر، وڌ ۾ وڌ اوچائي 8 ميٽر اٿس. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو، ۽ چن گارو استعمال ڪيل آھي. مقبري کي اوڀر ۾ ونگائون سينگاريل لنگهه آھي. مھاڙيءَ سميت چارئي پاسا ونگاون پانيلن سان آھن. ھر ڪنڊ تي ھڪ برجي ٺھيل آھي، ٻيڙ ٻنا ڏنل آھن. گنبذ اٺڪنڊو آھي، جنھن جي مٿان ابتي ڪنول جھڙي اڏاوت ٿيل آھي. اندران توڙي ٻاھران گنبذ چن سان لنبيل آھي. ان تي ٿيل رنگ و روغن وقت گذرڻ سان جھڪو ٿي ويو آھي. مقبري ۾ اندر ٽي جارا ٽن پانيلن سان اتر ۽ اولهه ۾ ٺھيل آھن. ھر ڪنڊ تي ھڪ اڏاوت ٺھيل آھي جنھن جي ڪري گنبذ اٺڪنڊو ٿي بيٺو آھي نه ته ھجرو ڏيک ۽ رٿ ۾ چوڪور آھي. ڪنڊِ جوڙون (squinches) ۽ خصي ونگون مختلف آلو رنگ (fresco) سان سينگاريل آھن. اندر ڪي آبي رنگ سان تصويرون به نڪتل آھن. ھڪ تصوير ۾ جنگ جو ميدان ڏيکاريو ويو آھي، جتي ھڪ ماڻھو ھڪ ھٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي ھٿ ۾ ڍال سان ڏيکاريل آھي. پس منظر ۾ ڪجهه لاشا ڏيکاريل آھن. ٻي تصوير ۾ ھڪ ماڻھو نغارو ۽ ٻيو ماڻھو توتارو وڄائي جنگ جو اعلان ڪري رھيا آھن. گلڪاري، وڻڪاري ۽ ڪجهه پکين جون تصويرون به چٽيل آھن. ھن وقت مقبري جي حالت سٺي ڪا نه آھي، جو ان جي سار نه لڌي وئي آھي. جتان ڪٿان پلستر اکڙي ويو آھي. خاص قسم جون تصويرون اجڙي رھيون آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو